APP25-17 JEDDAH: March 17 - Chief of the Naval Staff, Admiral Zafar Mahmood Abbasi exchanging views with Western Fleet Commander of Royal Saudi Naval Forces, Rear Admiral Hamed Bakheet Al Johani during his visit at Western Fleet Command HQs Jeddah. APP

اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي سعودي عرب جي دوري جي آخري مرحلي ۾ ويسٽرن فليٽ ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ويسٽرن فليٽ ڪمانڊر ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ ويجهن ۽ مضبوط لاڳاپن کي ساراهيو. پاڪ بحريه جي ترجمان ٻڌايو ته پاڪ بحريه جي سربراهه ويسٽرن فليٽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر، رائل سعودي نيول اسڪول ۽ رائل سعودي نيول فورسز ايوي ايشن سيٽ اپ جو دورو ڪيو.