APP28-12 ISLAMABAD: March 12 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi meeting with Imam-e-Ka’aba Al-Sheikh Dr. Saleh bin Muhammad bin Talib at PM Office. APP

اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي ڏي اهميت ڏي ٿو، امام ڪعبه جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم آفيس ۾ امام ڪعبه الشيخ ڊاڪٽر صالح بن محمد بن طالب سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم وزيراعظم آفيس اچڻ تي امام ڪعبه جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواب سعيد لمالڪي ۽ ٻيا سعودي عملدار به ساڻس گڏ هئا.