APP96-05 ISLAMABAD: March 05 - Minister of State for IBNH&LH, Ms Marriyum Auarangzeb, addressing the inaugural ceremony of Early Childhood Education Training Course for Teachers at Quaid-E-Azam Academy. APP

اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته معاشري ۾ عدم برداشت جي خاتمي لاءِ استادن جو ڪردار اهم آهي، جيڪي قومون استادن جو احترام ڪن ٿيون اهي حقيقي معنيٰ ۾ ترقي ڪن ٿيون، هر ڳالهه تي سياست ختم ٿيڻ گهرجي. هو قائداعظم اڪيڊمي فار ايجوڪيشنل ڊولپمينٽ ۾ ارلي ايجوڪيشن جي سلسلي ۾ ٽيچر ٽريننگ ڪورس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.