APP66-23 ISLAMABAD: March 23 - President Mamnoon Hussain and Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi along with Guest of Honor, President of Sri Lanka H.E. Maithripala Sirisena witnessing the performance of Military Band of UAE during the Pakistan Day Parade.APP

اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 78 هون پاڪستان جو ڏهاڙو انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڏينهن جو آغاز فجر جي نماز کان پوءِ ملڪي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. سمورين اهم سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ٿي ۽ پاڪ فضائيه جي چاڪ چوبند دستي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا، يوم پاڪستان جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو، صدر ممنون حسين، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي يوم پاڪستان جي مناسبت سان خصوصي پيغام جاري ڪيا، جڏهن ته قومي اخبارن 23 مارچ جي حوالي سان خصوص ايڊيشن شايع ڪيا ۽ ريڊيو، ٽي وي تي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويا. وفاقي گادي واري شهر ۾ يوم پاڪستان جي مناسبت سان شڪرپڙيان جي هنڌ تي هٿياربند فوج جي گڏيل پريڊ جو شاندار انعقاد ٿيو.