APP21-15 ISLAMABAD: February 15 - Executive Committee of Turkey-Pakistan Business Council called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان موقعن جي سرزمين آهي، پاڪستان حڪومت بهترين قانونسازي ذريعي انهن موقعن کي وڌيڪ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن سان پوري دنيا جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا، اسان کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن اسان جي ويجهي ترين ڀائر ملڪ ترڪيءَ سان واپاري ۽ صنعتڪار ان مان فائدو کڻن. هن اها ڳالهه پاڪستان ترڪ بزنس فورم جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ترڪ سفير احسان مصطفيٰ يورداقل جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.