اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا افغان پناهگيرن کي رضاڪاراڻي واپسي جي لاءِ حڪومت جي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ کي ورجائيندي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها افغان پناهگيرن جي پرامن واپسي ۽ بحالي جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪري، ان ڳالهه جو ورجاءُ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن کانسواءِ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي وئي. اجلاس ۾ افغان پناهگيرن جي واپسي جي معاملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو، افغان پناهگيرن کي رضاڪاراڻي واپسي جي لاءِ حڪومت هر ممڪن سهولت ڏيندي، اجلاس ۾ افغان پناهگيرن جي معاملي جي حوالي سان مختلف سفارشن تي غور ڪيو ويو.