اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حسين فاٽا مان سينيٽ جي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي تجويز ڪندڙن ۽ تائيد ڪندڙن جي شق ڪڍي ڇڏي آهي، فاٽا جي موجوده 11 ميمبرن چئن سيٽن لاءِ 27 اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي تجويز ڪندڙن ۽ تائيد ڪندڙن طور تي صحيحون ڪيون هيون. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل تفصيل موجب فاٽا مان چونڊيل 11 قومي اسيمبلي ميمبر سينيٽ چونڊن ۾ چئن سيٽن تي رڳو 5 اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن ۾ تجويز يا تائيد ڪندڙ بڻجي سگهيا پئي.