وزيراعظم پاران ميانوالي ۾ گئس جي فراهمي جي منصوبي جو افتتاح

ميانوالي – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ميانوالي جي تعلقي عيسيٰ خيل ۽ ان جي ڀرپاسي واري آبادي کي گئس جي فراهمي جي منصوبي جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي 2 ارب 30 ڪروڙ رپين جي لاڳت جي ان منصوبي جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم کي منصوبي جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي.