اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرسن اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) جي انتظامي ڪميٽي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. واپار وارو وفاقي وزير پرويز ملڪ، وزيراعظم جو خصوصي معاون علي جهانگير صديقي ۽ سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر خالد منصور وزيراعظم کي پرسيپشن اينڊ انويسٽمينٽ سروي 2017ع جا نتيجا پيش ڪيا.