اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سينئر صحافي محمد افضل خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته افضل خان پاڪستان ۾ جمهوري جدوجهد جي صحافتي قافلي جو نڊر اڳواڻ هو.