اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ کانپوءِ حڪومت ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. فيض آباد انٽرچينج تي ٽن هفتن کان وڌيڪ ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين جو اهم مطالبو قانون واري وزير جي استعيفيٰ هئي. آچر ۽ سومر جي وچ واري رات حڪومت ۽ مظاهرين جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدي تحت قانون واري وزير پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.