اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزير احسن اقبال انٽرپول جي صدر مينگ هونگوي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ تعاون کي هٿي ڏيڻ سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزارت مان جاري ٿيل بيان مطابق گهرو وزير احسن اقبال فلسطيني وفد سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن فلسطينين کي انٽرپول جي رُڪنيت حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون.