اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي ته ڪنٽرول لائين تي سيز فائر جي خلاف ورزي ڪري ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ٿيڻ واري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تان عالمي ڌيان هٽائڻ ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مقامي هئڻ جي تاثر کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران خالده منصور جي سوال جي جواب ۾ دفاع واري وزير خرم دستگير خان ٻڌايو ته ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي خلاف ورزين تي پاڪ فوج پاران فوري جواب ڏنو ويندو آهي