اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي والاريل ڪشمير جي عوام جي پنهنجي خودمختياري واري حق لاءِ جائز جدوجهد لاءِ پاڪستان جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪندي پرڏيهي وزارت کي ڀارتي قابض فوج طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي بي نقاب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان ڳالهه جو اظهار هن پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه طرفان کيس پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن جي باري ۾ ڏنل بريفنگ ۾ ڪيو.