APP34-19 KARACHI: August 19 - President Mamnoon Hussain laying floral wreath on the grave of Dr. Ruth Pfau at Gora Qabaristan. APP

ڪراچي – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي قومي پروگرام جي باني ۽ ناليواري سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر رٿ فائو کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر رٿ فائو انسانيت جي خدمت جي عظيم روايت قائم ڪئي جنهن جي لاءِ هو پاڪستاني عوام جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندي. مرحومه انسانيت جي خدمت جي لاءِ پنهنجو ملڪ ڇڏي پاڪستان جي چونڊ ڪئي ۽ سڄي حياتي ان نيڪ ڪم ۾ گذاري ڇڏي.