APP17-14 ISLAMABAD: July 14 - Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif chairing PML-N Parliamentary Party meeting. APP

اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته 2013ع جي چونڊن کانپوءِ ئي هڪ بنا جواز مهم شروع ڪئي وئي، چئن سالن دوران ڇا ڇا ٿيندو رهيو، هن وقت ٻڌائي نٿو سگهان، هاڻي هي ٽيون حملو ٿي رهيو آهي، ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، تڪراري جي آءِ ٽي جي تڪراري رپورٽ مخالفن جي بي بنياد الزامن جو مجموعو آهي، چار هزار صفحن ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني جو ڪو الزام نه هنيو ويو. مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته تڪراري جي آءِ ٽي جي تڪراري رپورٽ اسان جي مخالفن جي بي بنياد الزامن جو مجموعو آهي، ان رپورٽ ۾ اسان جي موقف ۽ ثبوتن کي غلط قرار ڏيڻ جي لاءِ ڪي ٺوس دستاويز پيش نه ڪيا ويا. هن چيو ته رڳو اسان جي خاندان جي 62 سالا ڪاروباري معاملن کي مفروضن، سورس رپورٽن، بهتانن ۽ الزام تراشين جي بنياد تي نشانو بڻايو ويو آهي.