اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب لاهور ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مملڪتي وزير ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف منطقي انجام تائين جاري جنگ جي عزم کي اهڙي قسم جي بزدلاڻين ڪاررواين سان ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي.