مريم اورنگزيب پاران سينيئر صحافي اصغر شاد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ ڪالم نگار اصغر شاد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته اصغر شاد نه رڳو هڪ وڏو صحافي هو پر ليکڪ طور به هن پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو. هن چيو ته صحافين جي ڀلائي لاءِ هڪ رهنما طور به سندس خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون.