وزيراعظم پاران آئل ٽينڪر سانحي سبب دورو مختصر، وطن واپس اچڻ جو فيصلو

اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف احمد پور شرقيه ۾ آئل ٽينڪر سانحي سبب پنهنجو برطانيا جو دورو مختصر ڪري آچر ڏينهن وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد نواز شريف بهاولپور ۾ آئل ٽينڪر جي افسوسناڪ سانحي جي ڏس ۾ فوري طور تي وطن واپسي جو فيصلو ڪرڻ کانپوءِ آچر ڏينهن پاڪستان روانو ٿيندو.