اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سينيٽر نهال هاشمي جي غيرذميواراڻي بيان جو نوٽيس وٺندي کيس وزيراعظم هائوس طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سينيٽر نهال هاشمي جي غيرذميواراڻي بيان جو نوٽيس ورتو آهي ۽ سينيٽر نهال هاشمي کي وزيراعظم هائوس طلب ڪيو ويو آهي.