Under portraits of the late Iranian revolutionary founder Ayatollah Khomeini, right, and Supreme Leader Ayatollah Ali Khamenei, Pakistani Prime Minister Nawaz Sharif sits during his meeting with Iranian President Hassan Rouhani in Tehran, Iran, Tuesday, Jan. 19, 2016. (AP Photo/Vahid Salemi)

رياض / اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت کي ساراهيو آهي جنهن پنهنجي پهرين غيرملڪي سرگرمي جي طور تي سعودي عرب ۾ منعقد آمريڪا اسلامي عرب سربراهه ڪانفرنس جي چونڊ ڪئي، آمريڪي صدر جو اهو قدم تمام اهميت وارو آهي. پهرين آمريڪا اسلامي عرب ڪانفرنس جي موقعي تي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين اسلامي ۽ عرب ملڪن جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته فرنٽ لائن رياست جي طور تي پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن.