ساهيوال – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف عوام جي ڀلائي ۽ قومي ترقي کي پنهنجي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبن سان پاڪستان ۾ حالتون تبديل ٿي وينديون، ترقي جو اهو سفر جاري رهندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ساهيوال ڪول پاور پراجيڪٽ جي 660 ميگاواٽ بجلي جي پهرين يونٽ جي افتتاح کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم تقريب ۾ موجود پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ جا ٿورا مڃيا جنهن پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي ورتي. وزيراعظم چيو ته چيني سفير ساراهه ۽ مبارڪباد جو مستحق آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي انجنيئرن ۽ فني ماهرن کي پڻ مبارڪباد ڏني جن 22 مهينن جي گهٽ عرصي ۾ ان منصوبي کي مڪمل ڪيو. وزيراعظم چيو ته اهو واقعي پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ بي مثال ۽ وڏو منصوبو آهي جيڪو پنهنجي مقرر مدي کان 6 مهينا اڳ مڪمل ٿيو آهي.