جيڪب آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هاڻي ڪاميابي ٺلهن نعرن سان نه پر ڪجهه ڪري ڏيکارڻ سان حاصل ٿيندي ۽ اسان سنڌ جي عوام کي ترقي وٺرائينداسين ۽ گهڻو ڪجهه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد نواز شريف جيڪب آباد ۾ منعقد هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 1991ع ۾ اندرون سنڌ ۾ ماڻهو محفوظ نه هيا، ڌاڙيلن جو راڄ هيو ۽ سفر کان ڪيٻائيندا هئا، اسان ان وقت به ڌاڙيلن جو خاتمو آڻي امن قائم ڪري ڏيکاريو، ڪراچي توهان جي سامهون آهي جيڪو اڳ ۾ ڇا هيو پر هاڻ ڪراچي ۾ مڪمل طور امن آهي پر مقامي رڪاوٽون اچڻ جي ڪري ٿورو وقت لڳو، اسان ڪنهن به رڪاوٽ جي پرواهه نه ڪئي ۽ امن قائم ڪري ڏيکاريو آهي ۽ ڪراچي ۾ هاڻي ترقيءَ ۽ بهتري نظر ايندي، توهان جون اميدون مون مان آهن.