اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب عمران خان پاران پاناما معاملي تي خاموش رهڻ جي لاءِ 10 ارب رپين جي آڇ جي بيان کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏيندي ميڊيا جي ذريعي کانئس 4 سوال پڇيا آهن، جيڪڏهن عمران خان صاحب توهان جي اندر ٿوري به اخلاقي جرئت آهي ته 4 سوالن جا جواب ڏيو، ڪنهن 10 ارب جي جي آفر ڏني، ڪير 10 ارب رپين جو بيگ کڻي آيو، ڪهڙي اداري کي رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پاران پاناما پيپرز جي حوالي سان منهن بند ڪرڻ جي لاءِ 10 ارب رپين جي آڇ جي بيان کي 2013ع کان عمران خان پاران ڳالهايل لاڳيتو ڪوڙ جو تسلسل قرار ڏيندي چيو ته عمران خان ڌرڻي جي انتظام جي لاءِ ڌانڌلي جو گوڙ ڪيو، حقيقت ته اها آهي ته جڏهن ڪي پي ڪي جي انصاف ڪميشن مٿس هٿ وڌو ته عمران خان پنهنجي هٿن سان احتساب ڪميشن کي تالو لڳرائي ڇڏيو.