اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري کي آمريڪا جي ويزا جاري ڪرڻ ۾ غيرضروري دير جو سخت نوٽيس ورتو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سندس گڏيل قومن تحت نيويارڪ ۾ انٽر پارلياماني تقريب ۾ شرڪت ناممڪن ٿي وئي آهي.