اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) تاجڪستان جو صدر امام علي رحمانوف 13 هين معاشي سهڪاري تنظيم (اي سي او) سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهچي ويو. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف نورخان ايئربيس تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو. تاجڪستان جي صدر جو ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪيو ويو.