اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته اولهه جي جدا رهڻ واري پاليسي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ معاونت ثابت نه ٿيندي پر ان سان رڳو دهشتگردي ۾ اضافو ٿيندو. ريڊيو پاڪستان موجب ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس 2017ع ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ بابت هڪ پينل بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته دهشتگردي جا 90 سيڪڙو متاثرين مسلمان آهن. خواجه آصف چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پوري دنيا جو حصيدار آهي.