APP78-19 DAVOS: January 19 - Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif meeting United Nations Secretary General Antonio Guterres on the sidelines of World Economic Forum. APP

ڊيووس – 19 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گٽريس وزيراعظم محمد نواز شريف کي خاطري ڪرائي آهي ته هو پاڪستان سميت خطي جي ملڪن لاءِ انتهائي تعميري ۽ مثبت ڪردار ادا ڪندو، وزيراعظم ڪانگريس سينٽر ۾ عالمي اقتصادي فورم جي 47 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار آهي جيڪو سيڪيورٽي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل رهيو.