اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ فلسطين جي صدر محمود عباس هتي فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو. ان سلسلي ۾ ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ فلسطيني سفارتخاني جي نئين عمارت ۾ هڪ سادي پر شاندار تقريب ٿي جنهن ۾ سفارتخاني جي اعليٰ عملدارن کانسواءِ فلسطيني شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ٻنهي اڳواڻڻ نئين جديد ڪمپليڪس (چانسري ۽ سفير جي رهائشگاهه) جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي.