ڪٽاس راج – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چڪوال ۾ هندوئن جي تاريخي مندر ڪٽاس راج ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽ جو افتتاح ڪيو. اهو واٽر فلٽريشن پلانٽ مندر جي مقدس امرت جل تالاب وٽ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو ياترين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪندو. وزيراعظم مندر جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ هنيو.