APP02-08 RAWALPINDI: December 08 - Minister of State for Information Broadcasting & National Heritage Ms. Marriyum Aurangzeb addressing during inaugural ceremony of Rawalpindi Ideal Students Expo-2016. APP photo by Javed Qureshi

راولپنڊي – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين، سياسي اتفاق راءِ ۽ سيڪيورٽي ادارن جي گڏيل تعاون سان ٽن سالن جي اڻٿڪ محنت ۽ قربانين سان دهشتگردي تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي. هو راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ رائز آئيڊل اسٽوڊنٽ ايڪسپو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي