APP70-02 KARACHI: December 02 – Minister of State for Information & Broadcasting Ms. Marriyum Aurangzeb addressing during Meet the Editors at CPNE office. APP Photo by Abbas Mehdi

ڪراچي – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جمهوري ۽ مستحڪم پاڪستان جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي پر ذميداراڻي صحافت وقت جي اهم ضرورت آهي، صحافين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ جي لاءِ قانونسازي شروع ڪئي آهي ۽ سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ ايندڙ سال جي آغاز ۾ بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪري ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي عهديدارن ۽ ميمبرن سان ڪائونسل جي هيڊ آفيس ڪراچي ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.