اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي ڪابينا سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ۽ سينيٽ جي ميمبرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي بنيادي پگهار ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سينيٽ جي اجلاس ۾ هن ٻڌايو ته هن اضافي جو لاڳو هلندڙ سال پهرين آڪٽوبر کان ٿيندو.