اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف وزيراعظم محمد نواز شريف سان سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم هائوس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم آرمي چيف طور جنرل راحيل شريف جي خدمتن کي خراج تحيسن پيش ڪيو.