ڪوئيٽا – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ دهشتگردي جي حملي کانپوءِ صورتحال تي غور جي لاءِ گورنر هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي، وڏي وزير ثناءُ الله زهري، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، قومي سلامتي واري صلاحڪار ناصر خان جنجوعه، صوبائي گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي، ڊي جي آءِ ايس آءِ رضوان اختر، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض، ڊي جي ايم آءِ ميجر جنرل ذڪي منج ۽ ڊي جي ايم او ميجر جنرل ساحر شمشاد شرڪت ڪئي.