اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته قوم جي پختي عزم ۽ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بي شمار ۽ مسلسل قربانين جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ نمايان ۽ واضح بهتري آئي آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کان ملڪ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هيستائين حاصل ٿيندڙ فائدن جي سگهه ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي اجتماعي ڪوششون ۽ صوبائي سطح خاص طور تي ڪوششن جي ضرورت آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقا جتي اڳڀرائي غير تسلي بخش رهي آهي، اتي اڳتي وڌڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي.