APP12-07 ISLAMABAD: October 07 – Ambassador of Azerbaijan, Ali Fikrat Oglu Alizaidi, in a call on meeting with Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif at PM House. APP

اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته سندس حڪومت خطي جي عوام جي وسيع تر مفاد لاءِ اقتصادي تعاون جي ذريعي علائقائي مواصلاتي رابطن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن اها ڳالهه آذربائيجان جي سفير علي علي زيدي سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ آذربائيجان سان پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن آذربائيجان سان ٻه طرفي دوستاڻي لاڳاپن کي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.