APP40-11 ISLAMABAD: August 11 - Ambassador of Kuwait Nawaf Abdulaziz Alenezi paid a farewell call on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، اها ڳالهه صدر ممنون حسين ڪويتي سفير نواف عبدالعزيز علين زي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڪويتي سفير امير ڪويت جو ڪوئيٽا ڌماڪي تي تعزيتي پيغام به پهچايو جنهن ۾ ڪويت جي امير چيو ته ڪوئيٽا دهشتگردي جي بي رحماڻي واقعي تي دل گهايل آهي، صدر ڪويت جي امير جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان مشڪل جي گهڙي ۾ سندس پيغام سان اسان جو حوصلو وڌيو آهي