اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي گهرڀاتين جي لاءِ معاوضي جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم سعودي عرب ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي هر خاندان لاءِ پنجاهه هزار روپين جي معاوضي جي منظوري ڏني آهي، وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 10 هزار ڦاٿل پاڪستانين ۾ 50 ڪروڙ روپين جي مجموعي رقم ورهائڻ جي منظوري ڏني آهي.