اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو سدائين جي لاءِ خاتمو ڪيو ويندو، بجلي جي جاري منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان نيشنل گرڊ ۾ وڏي مقدار ۾ بجلي شامل ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي سيڪريٽري يونس ڍاگا ملڪ ۾ بجلي جي جاري منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي مدي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي جاري منصوبن کي مارچ 2018ع تائين مڪمل ڪيو ويندو.