APP23-11 ISLAMABAD: August 11 – Federal Minister for Information, Broadcasting and National Heritage Senator Pervaiz Rasheed talking to the media persons during inauguration ceremony of Azadi Train as the train departed from the Margallah Railway Station will be moving around the Pakistan as the nation starts preparations to celebrate Independence Day in befitting manners. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته آزادي ٽرين حڪومت جي نمايان قدمن، ملڪ جي روشن مستقبل ۽ آزادي جي تاريخ سان قوم کي آگاهه ڪرڻ جو روشن سفر آهي.. هو مارگله ريلوي اسٽيشن تي پاڪستان ريلوي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر جي گڏيل تيار ڪيل آزادي ٽرين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي خصوصي معاون عرفان صديقي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري صباء محسن، ريلوي واري صلاحڪار انجم پرويز، ريلوي بورڊ جي چيئرپرسن پروين آغا، ريلوي واري پارلياماني سيڪريٽري سيد عاشق علي، ريلوي جي چيف ايگزيڪيٽو محمد جاويد انور کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ريلوي واري وزارت جي آفيسرن، سريلنڪا سميت مختلف ملڪن جي سفارتڪارن جو وڏو تعداد موجود هو.