اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سينيٽرن جي شموليت جو معاملو هڪ مشڪل ٽاسڪ هو، جنهن کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون آهن، سينيٽ ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سينيٽرن جي نامزدگي لاءِ قاعدن ۾ ترميم جي رٿ جي منظوري جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته اهو مشڪل ڪم هو جيڪو منهنجي ذمي لڳايو ويو هو