اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته گوادر جو فائدو چاهه بهار کان وڌيڪ آهي، گوادر گهري پاڻي جي بندرگاهه آهي. سينيٽ ۾ التوا واري رٿ تي بحث سهيڙندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته اسان چاهه بهار ۽ گوادر بندگاهه کي سسٽر بندرگاهون قرار ڏيڻ جي حوالي سان هڪ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن ۽ ان جي وچ ۾ ريلوي لنڪ جي تجويز آهي. هن چيو ته گوادر گهري سمنڊ جي بندرگاهه آهي ۽ چاهه بهار کان ان جي اهميت تمام وڌيڪ آهي. هن ان تاثر کي بي بنياد قرار ڏنو ته گوادر جي ترقي جو ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي.