APP13-13 ISLAMABAD: June 13 - President Mamnoon Hussain in a meeting with a delegation of Telenor group headed by President and CEO Sigve Brekke at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان بهترين سيڙپڪار دوست پاليسين وارو ملڪ آهي، سيڙپڪار انهن پاليسين مان ڀرپور فائدو کڻندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن اها ڳالهه ٽيلينار گروپ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي صدر ۽ سي اي او اوسگوي بريڪي جي سربراهي ۾ ڪالهه ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان پڻ ان موقعي تي موجود هئي. صدر چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، اميد آهي ته ٽيلينار گروپ عوام کي وڌيڪ خدمتن جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي نيٽ ورڪ کي سگهه ڏيندو.