اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال 17 – 2016ع جي لاءِ اٽڪل 43 کرب 95 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ معاشري جي ڪمزور طبقن جي سهولت لاءِ ڪيترائي قدم، ترقياتي ايجنڊا، بهتر مالياتي نظم ۽ ضبط وسيلي خسارو گهٽ ڪرڻ، معاشي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ، اوڳاڙين، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي، بجيٽ ۾ معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت جي شعبي جي ترقي لاءِ قدمن جو اعلان ڪيو ويو آهي، سرڪاري ملازمن جي لاءِ 2013ع ۽ 2014ع جي عارضي اضافي کي بنيادي پگهار جو حصو بڻايو پيو وڃي ۽ وفاقي حڪومت جي سمورن ملازمن کي پهرين جولاءِ 2016ع کان هلندڙ بنيادي پگهار تي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ڏنو ويندو، مزدور طبقي جي ڀلائي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي شرح 13000 مان وڌائي 14000 ڪئي وئي آهي، پاڪستان جي صنعتي روانگي واپار جي 5 وڏن شعبن ٽيڪسٽائيل، چمڙي، قالين، راندين جي سامان ۽ جراحي جي اوزارن کي زيرو ريٽيڊ سيلز ٽيڪس جي نظام تحت آندو ويو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 115 ارب رپيا رکيا ويا آهن، پاڪستان بيت المال جي بجيٽ ٻيڻي ڪري 4 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، ٽن سالن جي بجيٽ حڪمت عملي تحت جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي مالي سال 18 – 2019ع تائين آهستي آهستي 7 سيڪڙو تائين آندو ويندو، ناڻي واڌ کي هڪ انگ تائين محدود رکيو ويندو، سيڙپڪاري جي شرح 21 سيڪڙو تائين وڌائي ويندي، مالي خسارو گهٽ ڪري جي ڊي پي جي 3.5 سيڪڙو تائين آندو ويندو، جي ڊي پي ۾ ٽيڪس جي شرح کي 14 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي 30 ارب ڊالر تائين پهچايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال 17 – 2016ع جي بجيٽ پيش ڪئي.