اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پي او آر ڪارڊ رکندڙ افغان پناهگيرن کي 31 ڊسمبر 2016ع تائين 6 مهينن جي عرصي لاءِ پاڪستان ۾ رهڻ جي توسيع ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ چيو آهي ته وزيراعظم افغان پناهگيرن لاءِ واپسي ۽ انتظامي پاليسي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ هدايتون جاري ڪيون آهن.