راولپنڊي – 24 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته مهذب ملڪن ۾ فيصلا ووٽ جي ذريعي ٿيندا آهن، رستن تي فسادن سان نه. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي پريس ڪلب ۾ صحافين جي اعزاز ۾ ڏنل سحري جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ سينيٽر چوڌري تنوير خان، ڊاڪٽر اڪبر جمال ناصر، سردار نسيم، شاهد گيلاني، پريس ڪلب جو صدر شڪيل انجم، شڪيلا جليل، اقبال ملڪ، افضل بٽ، بلال ڊار، فاروق فيصل، علي رضا علوي، عمران يعقوب، سينئر صحافي حنيف خالد، حاجي نواز رضا ۽ نيشنل پريس ڪلب جي ٻين ميمبرن سميت صحافين جو وڏو انگ به موجود هو. وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته اين پي سي صحافين جي لاءِ فيملي فيسٽيول جو انعقاد ڪري هڪ بهترين قدم کنيو آهي اهڙي طرح جون سرگرميون جاري رهڻ گهرجن