اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته مشاورت سان ئي جمهوريت کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ جن جن ادارن تعاون ڪيو آهي انهن جو ٿورائتو آهيان، آخري وقت تائين بجيٽ ۾ ترميم جو سلسلو جاري رهيو ۽ مالياتي بل ۾ آخري مرحلي ۾ به چار ترميمون ڪيون آهن، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ان معاشي تسلسل جو نتيجو آهي جيڪو جون 2013ع ۾ هن ايوان ۾ رکيو آهي، وزيراعظم جي رهنمائي ۾ بجيٽ تيار ڪيو، آرٽيڪل 83 تحت ڪابينا جو اجلاس ۾ وڊيو جي ذريعي صدارت ڪئي ۽ بجيٽ دستاويزن تي صحيحون ڪيون. ائين هي ترقي جو سفر مسلسل اڳتي وڌي رهيو آهي، جي ڊي پي جي گروٿ وڌيڪ وڌائي آهي، ان جي لاءِ مناست تجويز ڪئي آهي.