اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين هدايت ڪئي آهي ته ڪم واري هنڌن تي عورتن جي تحفظ ۽ انهن جي اعتماد ۾ اضافي لاءِ وفاقي محتسب براءِ عورت کي جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن اها ڳالهه عورتن جي جي تحفظ واري وفاقي محتسب جسٽس (ر) ياسمين عباسي سان ڳالهائيندي چئي جنهن جمعي ڏينهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، صدر چيو ته قومي ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ افرادي قوت ۾ عورتن جي موثر شرڪت اڻٽر آهي