اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين وزيراعظم محمد نواز شريف کي ٽيليفون ڪري سندس صحت دريافت ڪئي، صدر ڳالهائيندي وزيراعظم لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ سندس جلد صحتيابي ۽ مڪمل بحالي لاءِ دعا ڪئي. صدارتي ميڊيا ونگ جي بيان جي موجب صدر وزيراعظم کي ٻڌايو ته پاڪستاني قوم سندس جلد صحتيابي لاءِ دعائون ڪري رهي آهي.